غربت جي خاتمي لاءِ نعرا نه، عملي معاشي پاليسيون ضروري آهن: مريم نواز

فہرستِ مضامین

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف غربت جي خاتمي لاءِ مستقل ۽ ٺوس قدم جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ غريب طبقن کي رڳو نعرن بدران عملي معاشي پاليسين ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن ذريعي بااختيار بڻايو پيو وڃي.

غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ مريم نواز چيو ته حڪومت جي مختلف منصوبن ذريعي غريب خاندانن جي مدد ڪئي پئي وڃي، جن ۾ ”پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر“، ”پرواز ڪارڊ“، ليپ ٽاپ ۽ ”هونہار اسڪالرشپ“ اسڪيمون شامل آهن.

هن چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عورتن کي هنر سيکارڻ وارن پروگرامن ۽ بنا وياج قرضن ذريعي معاشي طور خودمختيار بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته ”ڌيءَ راڻي“ پروگرام تحت پنجاب حڪومت شادين جا سمورا خرچ برداشت ڪري رهي آهي.

وزيراعليٰ پنجاب موجب، ”پنهنجو کيت، پنهنجو روزگار“ اسڪيم تحت هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين غريب ۽ بي زمين ٻهراڙي وارن ماڻهن کي 10 سالن لاءِ ليز تي ڏني وئي آهي. هن چيو ته ان منصوبي جو مقصد ٻهراڙي ۾ غربت گهٽائڻ، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ آهي.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته نوجوانن، عورتن ۽ هنر رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ آسان شرطن ۽ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، جيئن اهي معاشي طور پاڻڀرا ٿي سگهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں