عامر لياقت وڊيوز ڪيس: دانيہ شاھ جا ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جون نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالت جوابدار دانيه شاهه جا ناقابلِ ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست پڻ رد ڪئي وئي آهي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر ڪراچي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران دانيه شاهه جي وڪيل لياقت گبول ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل جي طبيعت خراب آهي، جنهن سبب هوءَ عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي. وڪيل يقين ڏياريو ته دانيه شاهه کي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

عدالت جوابدار جي غيرحاضريءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته دانيه شاهه کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته مرحوم عامر لياقت علي خان جي ڌيءَ جي فرياد تي سائبر ڪرائم اختيارين دانيه شاهه خلاف نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن جي قانوني ڪارروائي عدالت ۾ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں