شهزادي ڊائنا جي ”ريوينج ڊريس“ ڇا آهي؟ جنهن جي ٻيهر نيلامي ٿيڻ وڃي رهي آهي؟

فہرستِ مضامین

برطانوي شاهي خاندان جي تاريخ سان جڙيل شهزادي ڊائنا جو مشهور ڪارو لباس، جيڪو ’ريوينج ڊريس‘ جي نالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو، هڪ ڀيرو ٻيهر نيلام ٿيڻ وڃي رهيو آهي. 1994ع ۾ پرنس چارلس جي شادي شده زندگي دوران بي وفائي جو اعتراف ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڊائنا اهو ڪارو سلڪ لباس پائي عوام سامهون آئي هئي، جنهن کي ان وقت سندس خاموش پر طاقتور جواب طور ڏٺو ويو. هاڻي تقريبن 30 سالن کانپوءِ اهو تاريخي لباس ٻيهر نيلامي لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن جي قيمت 2 ڪروڙ 85 لک رپين تائين وڃڻ جو امڪان آهي.

شهزادي ڊائنا جو هي ڪارو سلڪ جو بنا اسٽريپ وارو شام جو لباس يوناني ڊزائنر ڪرسٽينا اسٽامبولين ٺاهيو هو. ڊائنا اهو لباس 20 نومبر 1994ع تي لنڊن جي سرپنٽائن گيلري جي فنڊ ريزنگ ڊنر ۾ پاتو هو.

ان ئي شام ٽي وي تي نشر ٿيل هڪ ڊاڪيومينٽري ۾ ان وقت جي پرنس آف ويلز پرنس چارلس پنهنجي شادي دوران بي وفائي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو. ان انٽرويو بابت معلومات ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ميڊيا ۾ اچي چڪي هئي، تنهنڪري ڊائنا جو ان کانپوءِ پهريون ڀيرو عوام سامهون اچڻ وڏي اهميت اختيار ڪري ويو.

ڊائنا جي ان وقت جي اسٽائلسٽ اينا هاروي موجب شهزادي ان رات انتهائي شاندار نظر اچڻ چاهي ٿي. تقريب ۾ وڃڻ کان ٿورو اڳ ڊائنا پنهنجو لباس تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ والينٽينو گاؤن بدران ڪارو ’ريوينج ڊريس‘ پاتو.

هن لباس جو هڪ پاسو ننڍو ۽ ٻيو پاسو ڊگهو هو، جڏهن ته پٺئين حصي ۾ شيفون ڪپڙي جو ڊگهو حصو پڻ هو. ڊائنا ان سان گڏ شاهي هار، ڪارو ڪلچ بيگ ۽ ڪاري هيلز پاتي هئي.

هن لباس کي ريوينج ڊريس جو نالو ان جي انداز ۽ ان وقت جي حالتن سبب مليو. ڊائنا اهڙي وقت ۾ انتهائي پراعتماد انداز سان عوام سامهون آئي، جڏهن سندس ذاتي زندگي عالمي ميڊيا جي مرڪز ۾ هئي.

هي لباس آخري ڀيرو 1997ع ۾ پاڻ شهزادي ڊائنا نيلام ڪيو هو. ان وقت ڊائنا پنهنجي 79 لباسن جي نيلامي ذريعي خيرات لاءِ رقم گڏ ڪئي هئي. نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم ڪينسر ۽ ايڊز سان لاڳاپيل خيراتي ادارن لاءِ رکيل هئي.

ريوينج ڊريس ان وقت گلاسگو ۾ رهندڙ بريز ميڪينزي ۽ سندس مڙس گريم خريد ڪئي هئي. جوڙي ان لباس لاءِ تقريبن 50 لک 60 هزار رپيا ادا ڪيا هئا. ميڪينزي جو چوڻ هو ته هن لباس خريد ڪرڻ جو مقصد ان کي پائڻ نه، پر خيراتي مقصد لاءِ رقم ڏيڻ هو.

هاڻي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ ميڪينزي اهو تاريخي لباس ٻيهر وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب 30 سالن کانپوءِ به دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ’ريوينج ڊريس‘ جو نالو وٺڻ سان هر ماڻهو سمجهي وڃي ٿو ته ڪهڙي لباس جي ڳالهه ٿي رهي آهي.

نيلامي کان اڳ ريوينج ڊريس کي دنيا جي مختلف شهرن ۾ نمائش لاءِ رکيو ويندو. 18 کان 24 سيپٽمبر تائين اهو لباس لنڊن ۾ سوڊبيز جي شو روم ۾ موجود رهندو، ان کانپوءِ آڪٽوبر جي شروعات ۾ هانگ ڪانگ ۽ نومبر جي شروعات ۾ جنيوا منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته آخر ۾ ان کي نيويارڪ آندو ويندو، جتي 9 ڊسمبر تي نيلامي ٿيندي.

سوڊبيز موجب لباس سان گڏ 1997ع جي نيلامي جي ڪيٽلاگ جي هڪ ناياب ڪاپي پڻ وڪرو ڪئي ويندي، جنهن تي شهزادي ڊائنا ۽ ڊزائنر ڪرسٽينا اسٽامبولين جا صحيح ٿيل آهن. ڪيٽلاگ ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته لباس کي نيلام ڪرڻ جو خيال پرنس وليم ڏنو هو.

هن ڀيري نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم جو هڪ حصو اين ايڇ ايس لوٿين چيريٽي ذريعي رائل ايڊنبرا اسپتال کي ڏنو ويندو.

شهزادي ڊائنا جي استعمال ڪيل شين جي نيلامي ۾ وڏي دلچسپي اڳ به نظر اچي چڪي آهي. 2023ع ۾ ڊائنا جو هڪ مشهور سوئيٽر، جنهن تي اڇين رڍن جي قطارن وچ ۾ هڪ ڪاري رڍ ٺهيل هئي، نيويارڪ ۾ سوڊبيز جي نيلامي دوران تقريبن 11 ڪروڙ 90 لک رپين ۾ وڪرو ٿيو هو.

هاڻي ريوينج ڊريس جي ٻيهر نيلامي کي به شاهي خاندان جي مداحن ۽ فيشن جي دنيا ۾ خاص اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته هي لباس رڳو فيشن جو حصو نه پر شهزادي ڊائنا جي زندگي جي هڪ انتهائي اهم ۽ يادگار دور جي علامت بڻجي چڪو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں