لائیو سکر ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل، جوابدار فرار

فہرستِ مضامین

سکر (رپورٽ: عامر جوڳي)  سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو.

پوليس موجب، گهر مان 40 ورهين جي شبانه شيخ جو لاش هٿ آيوآھي، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب گهريلو ناراضگي تان جوابدار غلام شبير شيخ پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو.

پوليس موجب، جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں