سيد حيدر شاھ کي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو نئون مستقل نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سيد حيدر شاھ کي گڏيل قومن (يو اين) ۾ پاڪستان جو نئون مستقل نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو اڳوڻي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو.

عاصم افتخار احمد هن وقت پرڏيهي سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جو عهدو خالي ٿيو هو.

سيد حيدر شاهه هن وقت نيدرلينڊز ۾ پاڪستان جو سفير آهي ۽ اميد آهي ته هو جلد گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي طور پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو.

سيد حيدر شاهه کي سفارتڪاري ۽ عالمي معاملن جو وسيع تجربو حاصل آهي، جڏهن ته سندس مقرري بابت پرڏيهي وزارت طرفان باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں