ڀارت جي سياست جي انتهائي بااثر شخصيت ۽ ڪانگريس جي اڳوڻي صدر سونيا گانڌي پنهنجي سياسي ۽ ذاتي زندگي بابت يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب شايع ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سبب ڀارتي سياست ۾ نئون بحث ڇڙي ويو آهي. ڪتاب ۾ گانڌي خاندان، سونيا گانڌي جي سياست ۾ اچڻ، 2004ع ۾ وزيراعظم جو عهدو قبول نه ڪرڻ ۽ ڪانگريس جي حڪومت دوران پردي پٺيان ٿيندڙ سياسي معاملن بابت اهم سوالن جا جواب ملڻ جا امڪان ظاھر ڪيا پيا وڃن.
سونيا گانڌي جي 79 ورهين جي زندگي ذاتي ڏکن، سياسي بحرانن ۽ تاريخي واقعن سان ڀرپور رهي آهي. سندس ساس ۽ اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي جي قتل کان وٺي سندس مڙس ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي جي آپگھاتي حملي ۾ مارجي وڃڻ تائين، ڪيترن ئي وڏن واقعن سندس زندگي جو رخ تبديل ڪيو.
سونيا گانڌي جو يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”Belonging: A Journey of Love“ نومبر ۾ شايع ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪتاب ۾ سندس ننڍپڻ کان وٺي راجيو گانڌي سان ملاقات، شادي، گانڌي خاندان ۾ اچڻ ۽ بعد ۾ ڀارتي سياست جي مرڪز تائين پهچڻ جو سفر بيان ڪيو ويو آهي.
سياست کان پري رهندڙ سونيا گانڌي طاقتور اڳواڻ ڪيئن بڻجي؟

1998ع ۾ جڏهن سونيا گانڌي ڪانگريس پارٽي جي صدر بڻي، تڏهن کيس هڪ اهڙي عورت طور ڏٺو ويندو هو، جيڪا سياست ۾ اچڻ کان گهڻو ڪري پاسو ڪندي رهي هئي.
اٽلي ۾ جنم وٺندڙ سونيا گانڌي ڪيترن ئي سالن تائين سياسي سرگرمين کان پري رهي، پر 1991ع ۾ راجيو گانڌي جي قتل کان پوءِ به هوءَ فوري طور سياست ۾ نه آئي.
ڪانگريس جي مسلسل ڪمزور ٿيندڙ سياسي پوزيشن کان پوءِ هوءَ 1997ع ۾ پارٽي ۾ شامل ٿي ۽ صرف هڪ سال اندر پارٽي جي صدر بڻجي وئي. ان وقت سندس مخالفن کيس سياسي طور غير تجربيڪار ۽ ”پرڏيهي“ قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر ٿوري ئي عرصي ۾ هوءَ ڪانگريس جي اهم ترين اڳواڻن مان هڪ بڻجي وئي.
2004ع ۾ وزيراعظم جو عهدو ڇو نه ورتائين؟
سونيا گانڌي جي سياسي سفر جو سڀ کان وڏو سوال 2004ع جي عام چونڊن کان پوءِ جو فيصلو سمجهيو وڃي ٿو.
ڪانگريس جي اڳواڻي ۾ اتحاد کي مرڪزي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ۽ سونيا گانڌي وٽ وزيراعظم بڻجڻ لاءِ پارٽي ۽ اتحادين جي حمايت موجود هئي، پر هن پاڻ وزيراعظم بڻجڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڊاڪٽر من موهن سنگهه کي وزيراعظم چونڊڻ لاءِ اڳتي وڌايو.
هاڻي سوال اهو آهي ته آخر سونيا گانڌي اهڙو فيصلو ڇو ڪيو؟
ڪجهه سياسي مبصرن جو خيال رهيو آهي ته سندس پرڏيهي پسمنظر سبب پيدا ٿيندڙ سياسي مخالفت سندس فيصلي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته اڳوڻي ڪانگريسي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير نٽور سنگهه پنهنجي يادگيرين ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته راهول گانڌي پنهنجي ماءُ جي وزيراعظم بڻجڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس خدشو هو ته خاندان سان ماضي ۾ پيش آيل سانحن جهڙو خطرو ٻيهر پيدا ٿي سگهي ٿو.
سونيا گانڌي جي نئين ڪتاب مان شايد ان فيصلي جي اصل پسمنظر بابت وڌيڪ وضاحت سامهون اچي.
راجيو گانڌي، اندرا گانڌي ۽ خاندان جا ڏکيا دور
سونيا گانڌي جي زندگي ۾ 1984ع جو سال انتهائي اهم رهيو، جڏهن سندس سس اندرا گانڌي کي سندس ئي سيڪيورٽي گارڊن قتل ڪيو. سونيا گانڌي کيس اسپتال کڻي وئي هئي.
ست سال پوءِ 1991ع ۾ راجيو گانڌي به هڪ آپگھاتي حملي ۾ مارجي ويو. ان سان گڏ سونيا گانڌي جي ذاتي زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي سانحي جو شڪار ٿي.
ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي اميد آهي ته هوءَ انهن واقعن، پنهنجي ٻارن جي حفاظت بابت خدشن ۽ راجيو گانڌي جي سياست بابت پنهنجي سوچ تي به روشني وجهندي.
بوفورس اسڪينڊل ۽ ٻيا تڪراري سوال
سونيا گانڌي جي ڪتاب سان لاڳاپيل هڪ اهم سوال بوفورس اسڪينڊل پڻ آهي، جنهن راجيو گانڌي جي حڪومت کي سخت سياسي نقصان پهچايو هو.
ان کان علاوه اطالوي واپاري اوٽاويو ڪواتروچي سان گانڌي خاندان جي مبينا لاڳاپن بابت به ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سياسي بحث جاري رهيو آهي. اهو ڏسڻو پوندو ته سونيا گانڌي پنهنجي يادگيرين ۾ انهن معاملن بابت ڇا موقف اختيار ڪري ٿي.
ڇا من موهن سنگهه جي حڪومت ”ريموٽ ڪنٽرول“ هئي؟
2004ع کان 2014ع تائين ڪانگريس جي اڳواڻي ۾ حڪومت دوران سونيا گانڌي جو ڪردار به ڊگهي عرصي کان بحث جو موضوع رهيو آهي.
مخالفن مٿس الزام لڳايو ته هوءَ حڪومت کي ”ريموٽ ڪنٽرول“ ذريعي هلائي رهي هئي، جڏهن ته سندس حامين جو موقف هو ته سونيا گانڌي هڪ ڏکئي اتحادي حڪومت کي گڏ رکڻ ۾ اهم سياسي ڪردار ادا ڪيو.
هن دور ۾ ڪانگريس جي حڪومت اطلاعات تائين رسائي جي قانون ۽ ڳوٺاڻن روزگار جي ضمانت واري پروگرام سميت ڪيترائي اهم قدم کنيا، پر حڪومت جي ٻئي دور ۾ ڪرپشن جي الزامن، پاليسي معاملن ۾ رڪاوٽن ۽ سياسي ڪمزورين سبب تنقيد پڻ وڌي.
راهول يا پريانڪا، گانڌي خاندان جي سياسي وراثت ڪنهن کي؟

سونيا گانڌي 2017ع ۾ ڪانگريس جي قيادت پنهنجي پٽ راهول گانڌي حوالي ڪئي. ان کان پوءِ راهول گانڌي جي سياسي ڪارڪردگي ۽ پارٽي جي مسلسل چونڊ شڪستن تي سوال اٿندا رهيا آهن.
هڪ اهم سوال اهو به آهي ته سونيا گانڌي سياسي وراثت اڳتي وڌائڻ لاءِ راهول گانڌي کي ڇو چونڊيو، جڏهن ته سندس ڌيءَ پريانڪا گانڌي کي ڪيترائي مبصر وڌيڪ ڪرشماتي سياسي شخصيت سمجهندا رهيا آهن.
پريانڪا گانڌي آخرڪار 2019ع ۾ چونڊ سياست ۾ باضابطه طور داخل ٿي.
ڪتاب مان ڀارتي سياست بابت ڪهڙا جواب ملندا؟
سونيا گانڌي جي ڪتاب بابت سڀ کان وڌيڪ تجسس ان ڳالهه جو آهي ته ڇا ان ۾ جديد ڀارتي سياست جي انهن سوالن جا جواب ملندا، جيڪي سالن کان بحث هيٺ آهن.
ڇا سونيا گانڌي واقعي سياست ۾ اچڻ نٿي چاهي؟
2004ع ۾ وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ جو اصل سبب ڇا هو؟
گانڌي خاندان جي سياسي وراثت کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ڪهڙو ڪردار رهيو؟
۽ ڪانگريس جي حڪومت دوران پردي پٺيان اصل سياسي فيصلا ڪيئن ٿيندا هئا؟
ڪتاب جي عنوان ”Belonging“ مان پڻ اهو تاثر ملي ٿو ته سونيا گانڌي پنهنجي سياسي زندگي کان وڌيڪ گانڌي خاندان ۽ ان جي وراثت سان پنهنجي تعلق، محبت، ڏکن ۽ ذميوارين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ڀارتي سياست ۾ گانڌي خاندان تي وڌندڙ تنقيد ۽ ڪانگريس جي مسلسل چونڊ نقصانن جي پسمنظر ۾ سونيا گانڌي جون يادگيريون نه رڳو سندس ذاتي زندگي، پر ڀارت جي جديد سياسي تاريخ جي هڪ اهم دور کي سمجهڻ لاءِ به اهم دستاويز ثابت ٿي سگهن ٿيون.