حنيف رودناڻي
صبح جي پهرين ڪرڻ سان گڏ ئي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ هڪ عورت جي ڏينهن جي شروعات ٿئي ٿي. گهر جا در کُلڻ کان اڳ ئي سندس ذميواريون جاڳي پون ٿيون. ٻارن جي سنڀال، ماني پچائڻ، پاڻي ڀرڻ، مال کي چارو ڏيڻ ۽ گهر جي ٻين ڪمن کان پوءِ جڏهن هوءَ ٻنيءَ ڏانهن رواني ٿئي ٿي، تڏهن به سندس پورهئي جو سفر جاري رهي ٿو.
سج اڀري ٿو، مٿي چڙهي ٿو ۽ نيٺ لهي به وڃي ٿو، پر سندس ڪم ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن. ڪڏهن ٻنيءَ ۾ پورهيو، ڪڏهن مال جي سار سنڀال، ته ڪڏهن ٻارن جي بک ۽ گهر جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جاکوڙ. هوءَ پنهنجي خاندان جي زندگي سنوارڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿي، پر سوال اهو آهي ته سندس پنهنجي زندگي ڪيتري سنواريل آهي؟
اڄ دنيا ڳوٺاڻين عورتن جي محنت، حقن ۽ اهميت کي اجاگر ڪري رهي آهي. پر سنڌ جي ڪيترن ئي ڏورانهن ڳوٺن ۾ اهڙيون عورتون به رهن ٿيون، جن کي شايد اها خبر ئي ناهي ته سندن محنت ۽ ڪردار جي اعتراف لاءِ به هڪ عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. سندن زندگيءَ ۾ ڏينهن بدلجن ٿا، موسمون بدلجن ٿيون، پر مسئلا اڪثر ساڳيا رهن ٿا.
جن هٿن سان فصل پوکجن ٿا، گهر هلن ٿا ۽ ايندڙ نسلن جي پرورش ٿئي ٿي، انهن ئي هٿن کي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به بنيادي سهولتن جي کوٽ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. صاف پيئڻ جو پاڻي، معياري تعليم، صحت جون سهولتون، روزگار جا موقعا ۽ معاشي خودمختياري اڃا تائين ڪيترين ئي عورتن لاءِ هڪ خواب بڻيل آهن.
جڏهن گهر ۾ ڪو ٻار بيمار ٿئي ٿو، ته ماءُ جي دل بيچين ٿي وڃي ٿي. جڏهن حمل دوران طبي مدد جي ضرورت پوي ٿي، ته عورت لاءِ ڊاڪٽر تائين پهچڻ به هڪ وڏو امتحان بڻجي سگهي ٿو. خراب رستا، ٽرانسپورٽ جي کوٽ، غربت ۽ اسپتالن تائين ڊگها فاصلا سندس پريشانيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا. اهڙين حالتن ۾ هڪ معمولي بيماري به سڄي خاندان لاءِ وڏي آزمائش بڻجي وڃي ٿي.
تعليم کان محرومي سندس مسئلن کي اڃا وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. جڏهن ڇوڪرين لاءِ تعليم جا موقعا محدود هجن، ته هو پنهنجي حقن کان ڪيئن واقف ٿينديون؟ جڏهن عورت وٽ معاشي وسيلن تي اختيار نه هجي، ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلا ڪيئن ڪري سگهندي؟ ۽ جڏهن سماج ۾ سندس آواز کي اهميت نه ڏني وڃي، ته سندس دانهن ڪير ٻڌندو؟
انهن سڀني مسئلن جي وچ ۾ هڪ اهڙي تلخ حقيقت به موجود آهي، جيڪا انساني ضمير کي لوڏي ڇڏي ٿي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ عورتن کي اڄ به ڪارنهن جي الزام هيٺ تشدد ۽ قتل جهڙين سنگين ناانصافين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪڏهن رڳو شڪ، ڪڏهن ڪنهن جو الزام، ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻئي جي فيصلي جي قيمت هڪ عورت کي پنهنجي جان سان ادا ڪرڻي پوي ٿي.
جنهن عورت کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو به نه ملي، جنهن جي بيگناهي يا ڏوهه جو فيصلو عدالت بدران ماڻهو پاڻ ڪرڻ لڳن، تنهن لاءِ انصاف جا در ڪٿي آهن؟
ڪارنهن جو الزام ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ، تشدد ڪرڻ يا ڪنهن جي زندگي ختم ڪرڻ جو حق نٿو ڏئي. عزت جي نالي تي قتل ڪرڻ عزت نه، پر انسانيت جو قتل آهي. هر عورت کي زندگي، تحفظ، عزت ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جو حق آهي، ۽ اهو حق ڪنهن الزام يا شڪ جي بنياد تي کانئس کسي نٿو سگهجي.
جڏهن ڪا عورت اهڙي ظلم جو شڪار ٿئي ٿي، تڏهن رڳو هڪ زندگي ختم نٿي ٿئي؛ هڪ ماءُ، هڪ ڌيءَ، هڪ ڀيڻ ۽ هڪ خاندان جا خواب به ٽٽي پون ٿا. ان ڪري عورتن جي تحفظ لاءِ رڳو ڳالهيون ڪافي ناهن، پر قانون تي عمل، بروقت انصاف ۽ سماجي روين ۾ تبديلي به ضروري آهي.
حقيقت اها آهي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت رڳو محرومين جي تصوير ناهي. هوءَ همت، محنت، قرباني ۽ جدوجهد جي علامت آهي. هوءَ ڏکين حالتن ۾ به پنهنجي خاندان کي سنڀالي ٿي، ٻنين ۾ پورهيو ڪري ٿي ۽ ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ پنهنجون خواهشون قربان ڪري ٿي. پر سندس هن محنت جو مناسب اجورو ڪٿي آهي؟ سندس ٻارن جي تعليم لاءِ محفوظ ماحول ڪٿي آهي؟ سندس علاج، تحفظ ۽ قانوني مدد جو بندوبست ڪٿي آهي؟ ۽ سڀ کان اهم، ڇا کيس پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلا ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي؟
اڄ عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريبون ٿينديون، تقريرون ڪيون وينديون ۽ عورتن جي ترقيءَ جا واعدا ورجايا ويندا. پر انهن واعدن جي اصل اهميت تڏهن ثابت ٿيندي، جڏهن انهن جو فائدو ڪنهن وڏي شهر جي تقريب تائين محدود رهڻ بدران سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ رهندڙ عورت تائين پهچندو.
جڏهن هر ڳوٺ ۾ صاف پاڻي موجود هوندو، هر نياڻيءَ لاءِ تعليم جا در کليل هوندا، بيمار عورت کي بروقت علاج ملندو، محنت ڪندڙ عورت کي مناسب اجورو حاصل هوندو ۽ ظلم جو شڪار عورت کي بنا خوف جي انصاف ملندو، تڏهن ئي تبديليءَ جو حقيقي سفر شروع ٿيندو.
ڇو ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت کي رڳو همدرديءَ جي ضرورت ناهي؛ کيس حقن، موقعن، تحفظ ۽ برابريءَ جي ضرورت آهي.
سوال اڄ به اهو ئي آهي: جيڪا عورت سڄي خاندان جي زندگي سنوارڻ لاءِ پنهنجي سڄي عمر محنت ڪري ٿي، ڇا اسان سندس زندگي سنوارڻ لاءِ سنجيده آهيون؟