سنڌ جا تعليمي بورڊ ڊجيٽل ٿيندا، اي مارڪنگ سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تياري

فہرستِ مضامین

سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن تعليمي بورڊز ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جو امتحاني نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان سلسلي ۾ يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري وزير محمد اسماعيل راهو ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اي مارڪنگ، ڊجيٽلائيزيشن ۽ امتحاني نظام جي صلاحيت وڌائڻ بابت معاملن تي غور ڪيو ويو.

يونيورسٽين بابت وزير محمد اسماعيل راهو اي ڊي بي جي نمائندن کي ٻڌايو ته روايتي امتحاني طريقيڪار بدران اي مارڪنگ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته منصوبي جي منظوري لاءِ تجويزون جلد سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون.

هن ٻڌايو ته آءِ ٽي ماهر لاڳاپيل عملي کي خاص تربيت فراهم ڪندا.

محمد اسماعيل راهو وڌيڪ ٻڌايو ته منصوبي تحت اسڪينر، ڪٽنگ مشينون، سرورز ۽ ٻيا جديد اوزار فراهم ڪيا ويندا.

ترجمان موجب، انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي جي چيئرمين فقير محمد لاکو کي هن منصوبي جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں