سعودي عرب کي فوجي مدد ڏجي يا نہ؟ مصر جي پارليامينٽ ۾ اڄ اھم ووٽنگ

فہرستِ مضامین

قاهره (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي عرب کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ جي منظوري بابت مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي درخواست تي مصر جي پارليامينٽ ۾ اڄ ووٽنگ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پارليامينٽ جو اجلاس گذريل ڏينهن ووٽنگ کانسواءِ ملتوي ڪيو ويو هو. هڪ مصري پارليامينٽ ميمبر موجب اجلاس جو وقت ان لاءِ وڌايو ويو ته سمورن ميمبرن کي پنهنجي راءِ ۽ موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.

مصري صدر عبدالفتاح السيسي پارليامينٽ جي ميمبرن کان درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب حوثين جي حملن خلاف فوجي مدد طلب ڪري ته مصر کي ان جي حمايت ۽ ڪارروائي جي اجازت ڏني وڃي.

السيسي جو چوڻ هو ته اهڙي قدم لاءِ پارليامينٽ جي منظوري ضروري آهي، تنهنڪري هن هنگامي اجلاس طلب ڪري سعودي عرب جي درخواست جي صورت ۾ ڪارروائي جو اختيار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

مصر 2015ع ۾ سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ قائم فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيو هو، جڏهن ته ان جو ڪردار گهڻو ڪري ڳاڙهي سمنڊ جي سامونڊي رستن جي تحفظ تائين محدود رهيو ۽ سڌي جنگي ڪارروائي کان پاسو ڪيو ويو.

ٻئي طرف حوثين سان لاڳاپيل ڪيترين ئي شخصيتن مصر کي خبردار ڪيو آهي ته هو سعودي عرب ۽ حوثين وچ ۾ جنگ ۾ مداخلت نه ڪري. سندن چوڻ آهي ته اهڙي مداخلت سان آخرڪار اسرائيل جي مفادن کي فائدو پهچي سگهي ٿو.

حوثين طرفان سڌي ڌمڪي ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو، پر 1960ع واري ڏهاڪي ۾ يمن اندر مصر جي فوجي مداخلت جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته ان وقت مصر کي وڏي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پيو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں