ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار ۽ شاگردن جي اعليٰ سرڪاري ڪاليجن تائين رسائي بابت ڳڻتي جوڳا انگ اکر سامهون آيا آهن، جن موجب شهر جي ٽاپ 10 سرڪاري ڪاليجن ۾ داخلا وٺندڙ هر 100 شاگردن مان لڳ ڀڳ 93 سيڪڙو نجي اسڪولن ۽ رڳو 7 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن مان ميٽرڪ پاس ڪندڙ آهن.
انگن اکرن موجب ڪراچي جي انهن 10 اهم سرڪاري ڪاليجن ۾ مجموعي طور 13 هزار 211 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا ڏني وئي، جن مان 12 هزار 264 نجي اسڪولن ۽ صرف 947 سرڪاري اسڪولن مان ميٽرڪ ڪري آيا آهن.
اهڙي ريت مجموعي داخلائن ۾ نجي اسڪولن مان ايندڙ شاگردن جو حصو 92.8 سيڪڙو، جڏهن ته سرڪاري اسڪولن جو حصو رڳو 7.2 سيڪڙو رهيو.
انگن اکرن موجب آدم جي گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ 613 داخلائن مان 585 شاگرد نجي ۽ صرف 28 سرڪاري اسڪولن مان آهن.
گورنمينٽ ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ۾ 1258 شاگردن مان 1214 نجي ۽ رڳو 44 سرڪاري اسڪولن مان ميٽرڪ ڪندڙ آهن.
جڏهن ته دهلي گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ 801 داخلائن مان 773 نجي ۽ صرف 28 سرڪاري اسڪولن مان آيل آهن، ۽ گورنمينٽ بوائز ڪاليج ناظم آباد ۾ 1317 داخلائن مان 1257 نجي ۽ صرف 60 سرڪاري اسڪولن مان آهن.
سرڪاري گرلز ڪاليجن ۾ به نجي اسڪولن مان ايندڙ شاگردياڻين جو تعداد سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ گهڻو رهيو.
گورنمينٽ سر سيد گرلز ڪاليج ۾ 2507 شاگردياڻين مان 2266 نجي ۽ رڳو 241 سرڪاري اسڪولن مان آهن.
سينٽ لارنس گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ 691 مان 631 نجي ۽ 60 سرڪاري اسڪولن مان، جڏهن ته پي اي سي ايڇ ايس گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ۾ 1517 مان 1420 نجي ۽ صرف 97 سرڪاري اسڪولن مان ميٽرڪ ڪندڙ شاگردياڻيون شامل آهن.
خاتون پاڪستان گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ۾ 2107 داخلائن مان 1876 طالبات نجي ۽ 231 سرڪاري اسڪولن مان آهن.
ٻئي طرف گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ملير ڪينٽ ۽ گورنمينٽ ڊگري بوائز اينڊ گرلز ڪاليج اسٽيڊيم روڊ جي انگن اکرن ۾ به نجي اسڪولن مان ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تناسب سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو رهيو.
اهي انگ اکر ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار، تدريس جي نظام ۽ شاگردن جي معياري سرڪاري ڪاليجن تائين رسائي بابت سنجيده سوال اٿاري رهيا آهن.