آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس تي ڪجهه پابندين جي عملدرآمد کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ماسڪو کي امن ڳالهين جي عمل ۾ شامل رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ آچر ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي بيان جاري ڪندي چيو ته هو روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ مصروف آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هو ڪنهن غير دانشمنداڻي قدم ذريعي روس کي ڳالهين جي ميز تان پري ڪرڻ نٿا چاهين.
رپورٽ موجب، ٽرمپ جمعي جي شام روس خلاف نئين پابندين واري پيڪيج تي عملدرآمد، ان جي لاڳو ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، روڪي ڇڏيو هو.
اهو فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي وچ ۾ اختلافن ۾ پڻ واڌ ڏٺي پئي وڃي.
ٻئي طرف يوڪرين جي صدر زيلنسڪي آچر ڏينهن اين بي سي نيوز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان هم آهنگي اختيار ڪرڻ هڪ تاريخي غلطي هوندي.