لائیو راڌڻ ۾ واپڊا جي نجڪاري ۽ جبري رٽائرمينٽ خلاف ملازمن جو احتجاج

فہرستِ مضامین

راڌڻ (رپورٽ: مطلوب علي سرگاڻي) راڌڻ ۾ واپڊا جي نجڪاري ۽ ملازمن کي جبري رٽائر ڪرڻ واري پاليسي خلاف واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج جي اڳواڻي يونين جي چيئرمين نياز احمد ڀٽو، جنرل سيڪريٽري فدا حسين سولنگي، وائيس چيئرمين آصف علي ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري طاهر احمد سومرو سميت عبدالستار پيرزادو، شاهد احمد لاکير، آفتاب احمد لاکير، پپن سومرو، امداد ڀٽي ۽ ٻين ڪئي.

مظاهرين واپڊا آفيس راڌڻ کان راڌڻ-ميهڙ روڊ تائين ريلي ڪڍي، سخت نعريبازي ڪئي ۽ واپڊا جي نجڪاري ۽ ملازمن جي جبري رٽائرمينٽ واري پاليسي کي فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں