جاپان جي وزيراعظم ڪھڙو بيان ڏنو جو کيس تنقيد کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي؟

فہرستِ مضامین

ٽوڪيو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي گهريلو ڪمن ۽ ميڪ اَپ بابت بيان تي بحث ڇڙي پيو آهي، جتي ڪجهه ماڻهن سندس موقف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهڙي بيان سان عورتن تي گهريلو ذميواريون وجهڻ واري روايتي سوچ کي هٿي ملي سگهي ٿي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، سانائي تاڪائيچي پارليامينٽ جي اجلاس دوران پنهنجي مصروف معمول بابت ڳالهائيندي چيو ته کيس صبح جو وهنجڻ، ناشتو تيار ڪرڻ، ٿانوَ ڌوئڻ ۽ ميڪ اَپ ڪرڻ ۾ اڳوڻن مرد وزيراعظمن جي ڀيٽ ۾ روزانو 3 کان 4 ڪلاڪ وڌيڪ خرچ ڪرڻا پون ٿا.

وزيراعظم جي بيان کانپوءِ نقادن جاپان ۾ عورتن ۽ مردن وچ ۾ گهريلو ڪمن جي ورڇ تي سوال اٿاريا. سندن چوڻ هو ته گهريلو ذميوارين کي عورتن سان مخصوص ڪرڻ واري سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

رپورٽ ۾ شامل انگن اکرن موجب، جاپاني عورتون روزانو گهريلو ڪمن تي لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪ خرچ ڪن ٿيون، جڏهن ته مردن لاءِ اهو وقت تقريباً 40 منٽ آهي.

نقادن جو چوڻ آهي ته ملازمت ڪندڙ عورتن کي گهر جي ڪمن سان گڏ ٻارن جي سارسنڀال ۽ بزرگ مائٽن جي خدمت جهڙيون ذميواريون به نڀائڻيون پون ٿيون. ان کانسواءِ جاپان ۾ ڊگهن ڪم وارن ڪلاڪن جي رجحان ۽ وزيراعظم جي پارلياماني بحثن ۾ شرڪت لاءِ وقت ڪڍڻ بابت به سوال اٿاريا ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں