بنيامين نيتن ياھو آمريڪا کي هڪ ٻي جنگ ڏانھن ڌڪي رھيو آھي: عباس عراقچي

فہرستِ مضامین

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آمريڪا کي هڪ ٻي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اسرائيلي چونڊن کان اڳ نيتن ياهو جي مڪمل حمايت جي اعلان کان ڪجهه ڪلاڪن بعد عباس عراقچي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏيندي چيو ته جڏهن آخري ڀيرو ايران سان معاملو هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، تڏهن ايران اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀريو هو.

عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر پنهنجي قسمت آزمائڻ چاهي ٿو ته آزمائي، پر محتاط رهي، ڇاڪاڻ ته ايران جا به ڪجهه نامڪمل ڪم باقي آهن.

ايراني پرڏيهي وزير نيتن ياهو تي الزام لڳايو ته هو جيل کان بچڻ لاءِ آمريڪا کي هڪ ٻي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، ڀلي ان جنگ جا نتيجا اسرائيل يا آمريڪي صدر لاءِ ڪهڙا به هجن.

عباس عراقچي جا بيان ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي انهن تازن بيانن کانپوءِ سامهون آيا آهن، جن ۾ ٻنهي اڳواڻن ايران جي روئيي ۾ تبديلي نه اچڻ جي صورت ۾ گڏجي معاملو ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

اسرائيل ۾ پارلياماني چونڊون 27 آڪٽوبر تي ٿيڻيون آهن، جن جا نتيجا بنيامين نيتن ياهو جي حڪومت جي مستقبل تي اهم اثر وجهي سگهن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں