نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي باني اڀيجيت ديپڪي دعويٰ ڪئي آهي ته بنا نمبر پليٽن وارين گاڏين ذريعي سندس پيڇو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انٽيليجنس بيورو جا اهلڪار سندس رهائشگاهه جي نگراني ڪري رهيا آهن.
پريس ڪانفرنس ڪندي اڀيجيت ديپڪي خدشو ظاهر ڪيو ته ترنگا مارچ کان اڳ دهلي پوليس کيس حراست ۾ وٺي سگهي ٿي. هن چيو ته قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ لاءِ جيل وڃڻ به قبول آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ ترنگو ڦڙڪائڻ ڏوهه آهي ته هو ان جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي پنهنجي ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو نئين دهليءَ جي ڪناٽ پليس واري سينٽرل پارڪ ۾ گڏ ٿي قومي جهنڊو ڦڙڪائين. اهو مارچ چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار خلاف احتجاج جو حصو آهي، جنهن تي چونڊ فهرستن جي خاص نظرثاني دوران مبينا بي ضابطگين جا الزام لڳايا ويا آهن.
نئين دهلي ميونسپل ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته مارچ لاءِ مقرر ڪيل سينٽرل پارڪ 16 ۽ 17 آڪٽوبر تي بند رهندو. ان فيصلي تي سوال اٿاريندي ديپڪي چيو ته جيڪڏهن سندس جماعت 100 مختلف هنڌن تي ترنگو ڦڙڪائڻ جو اعلان ڪري ته ڇا اختيارين اهي سمورا هنڌ به بند ڪري ڇڏيندا؟
هن وڌيڪ چيو ته اختيارين واضح ڪن ته ڇا اهي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي اجازت نه ڏيندا. ديپڪي دعويٰ ڪئي ته پوليس کيس ڪنهن به وقت گرفتار ڪري سگهي ٿي، پر هو اهڙن قدمن کان ڊڄڻ وارو ناهي.
ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جي سربراهه پنهنجي ساٿين سورَو داس ۽ اشوتوش رانڪا جي گرفتارين جو حوالو ڏيندي الزام هنيو ته ماڻهن کي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ تي جيل موڪليو پيو وڃي.
اڀيجيت ديپڪي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪندي چيو ته سندس جماعت حڪومت تبديل ڪرڻ جو مطالبو نٿي ڪري، پر چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي آزاد ۽ غيرجانبدار شخص مقرر ڪرڻ چاهي ٿي. هن ملڪ جي صورتحال کي ايمرجنسي جهڙي قرار ڏيندي به حڪومت تي تنقيد ڪئي.