لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): برطانيا جي نيشنل ايئر ٽريفڪ سروسز جي فلائيٽ پروسيسنگ ۽ ريڊار سسٽم ۾ وڏي فني خرابي ختم ڪري سسٽم بحال ڪيو ويو آهي، پر خرابي سبب ملڪ جي ڪيترن ئي وڏن ايئرپورٽن تي هزارين اڏامون متاثر ٿيون.
اختيارين موجب سسٽم ۾ خلل سبب لنڊن هيٿرو، گيٽ وِڪ، مانچسٽر، برمنگهم، ايڊنبرا، لوٽن ۽ گلاسگو سميت 15 وڏن ايئرپورٽن جو فلائيٽ آپريشن سخت متاثر ٿيو.
رپورٽن موجب سڄي ملڪ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ اڏامون متاثر ٿيون، جن مان لڳ ڀڳ 1305 اڏامون منسوخ جڏهن ته 2700 کان وڌيڪ اڏامون دير جو شڪار ٿيون.
لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي 527 اڏامون منسوخ ۽ 430 دير جو شڪار ٿيون، جڏهن ته گيٽ وِڪ ايئرپورٽ تي 260 اڏامون منسوخ ۽ 312 ۾ دير ٿي.
اهڙيءَ طرح لنڊن اسٽينسٽڊ ايئرپورٽ جون 122 اڏامون منسوخ جڏهن ته 300 اڏامون دير جو شڪار ٿيون.
حڪام موجب مختلف ايئرپورٽن تي اڏامن جي دير جو مدو 150 کان 200 منٽن تائين پهچي ويو، جڏهن ته سسٽم ۾ خرابي سبب ڪيترين ئي اڏامن جو رخ ٻين ايئرپورٽن ڏانهن موڙيو ويو.
فني خرابي سامهون اچڻ کانپوءِ ٽيڪنيڪل عملي ۽ انجنيئرن هنگامي بنيادن تي ڪم ڪندي خرابي جو سبب ڳولي ايئر ٽريفڪ سسٽم بحال ڪيو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته سسٽم بحال ٿيڻ کانپوءِ به اڏامن جي شيڊول کي معمول تي اچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته خرابي سبب پيدا ٿيل دير ۽ منسوخي جا اثر ڪجهه وقت تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.