اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاران فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ سڌارن ۽ نئين سر جوڙجڪ بابت تازين هدايتن کانپوءِ اداري کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي، جيئن سياسي مداخلت کانسواءِ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ اثرائتي ۽ شفاف نموني هلائي سگهجي.
اعليٰ سرڪاري ذريعن موجب، ايف بي آر کي خودمختياري ڏيڻ جو مقصد پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ٿيندڙ مداخلت کي ختم ڪري ٽيڪس نظام جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ آهي.
ذريعن موجب گذريل ٽن ڏهاڪن دوران ملڪ جي ٽيڪس نظام ۾ مختلف قسمن جا سڌارا متعارف ڪرايا ويا، جڏهن ته انهن سڌارن لاءِ تفصيلي رپورٽون پڻ تيار ڪيون ويون.
رپورٽ موجب، ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ ۽ اداري کي خودمختيار بڻائڻ بابت تجويزون اهڙي وقت سامهون آيون آهن، جڏهن ٽيڪس وصولين ۾ به گهٽتائي جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن.