اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو آهي ته ايران خلاف جاري جنگ جا معاشي اثر هاڻي عام يورپي شهرين تائين پهچي چڪا آهن، جنهن سبب يورپ جي عوام تي 100 ارب يورو کان وڌيڪ جو بار پئجي چڪو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ پيڊرو سانچيز چيو ته جنگ جي مخالفت ڪندڙ يورپي اڳواڻن جو موقف درست ثابت ٿيو آهي ۽ جنگ کي ’نه‘ چوڻ جو فيصلو صحيح هو.
سندس چوڻ هو ته جنگ جي قيمت آخرڪار عام شهرين کي ئي ادا ڪرڻي پوي ٿي، جڏهن ته ان جا معاشي ۽ سماجي اثر يورپي عوام کي ٻيهر ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن.
برسلز ۾ يورپي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اسپيني وزيراعظم چيو ته جنگ جي مخالفت ڪندڙن جو موقف نه رڳو عالمي قانون ۽ انساني حقن جي احترام جي حوالي سان درست ثابت ٿيو، پر جنگ جي تباهه ڪندڙ معاشي ۽ سماجي اثرن به ان جي تصديق ڪئي آهي.
پيڊرو سانچيز موجب اسپين جي پارليامينٽ 12 ارب يورو کان وڌيڪ جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي، جنهن جو مقصد متاثر ٿيل شعبن ۽ پنهنجون ذاتي گاڏيون استعمال ڪندڙ شهرين جي مدد ڪرڻ آهي.
اسپيني وزيراعظم زور ڏيندي چيو ته هن وقت سڀ کان اهم ضرورت اها آهي ته جنگ سبب پيدا ٿيل تباهي کي جيترو جلد ممڪن هجي ختم ڪيو وڃي.