آمريڪا کي قيمت چڪائڻي پوندي، ايران طرفان ڪويت ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجي ھدفن تي حملن جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

ايران آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف بيانن ۽ دعوائن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو، ايراني فوج، پاسدارانِ انقلاب، پرڏيهي وزير ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر ڪويت، اردن، مصر ۽ قشم ٻيٽ سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي اهم دعوائون ڪيون آهن، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل انهن مان ڪجهه دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته تازن آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي ھدفن کي ڊرون حملن سان نشانو بڻايو ويو. بيان موجب، احمد الجابر ايئربيس تي جنگي جهازن جا هينگر، سيٽلائيٽ مواصلاتي نظام ۽ فوجي سامان جا گودام نشانو بڻايا ويا.

ٻئي طرف، پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته علي السالم ايئربيس تي حملي دوران 2 ڊرون هينگر ۽ فوجي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن لاءِ استعمال ٿيندڙ فيول ڊپو تباهه ڪيا ويا. پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو ته علائقي مان آمريڪي فوجن جي مڪمل نيڪالي تائين سندن ڪارروايون جاري رهنديون.

ساڳئي وقت، پاسدارانِ انقلاب اردن جي موفق السلطي ايئربيس جون سيٽيلائيٽ تصويرون به جاري ڪيون، جن بابت دعويٰ ڪئي وئي ته اتي موجود آمريڪي ايف-35 جنگي جهازن جا هينگر ايراني حملن ۾ تباهه ٿيا. ايران اڳ ۾ به 3 ايف-35 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آمريڪا ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو هو.

هوڏانهن، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي مصر جي بندرگاهه تي ٻن جهازن کي ڊرون حملن جو نشانو بڻائڻ واري واقعي کي اسرائيل جو ”فالس فليگ آپريشن“ قرار ڏيندي چيو ته اهڙيون ڪارروايون علائقي جي امن کي نقصان پهچائڻ ۽ مسلمان ملڪن جي اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهن. هن مصر کي ايران جو ويجهو دوست ۽ اهم علائقائي شريڪ پڻ قرار ڏنو.

ٻئي پاسي، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا بيگناهه ايراني شهرين جو رت وهائڻ جي قيمت ضرور چڪائيندو. سندس چوڻ هو ته آمريڪا هر روز نوان ڏوهه ڪري رهيو آهي ۽ ميناب کان پوءِ قشم ٻيٽ ۾ رهائشي آبادي کي به نشانو بڻايو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں