لائیو پيٽرول پمپ، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مزدا گاڏيون به بند، ملڪ گير هڙتال جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي: آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن مطالبا منظور نه ٿيڻ تي اڄ رات 12 وڳي کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي سمورا پيٽرول پمپ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايسوسيئيشن موجب، وفاقي وزير پيٽروليم سان ٿيل ڳالهيون ڪنهن به مثبت نتيجي تي نه پهتيون. منافعي جي مارجن ۾ واڌ ۽ پيٽروليم شين جي روزاني بنياد تي قيمتون مقرر ڪرڻ سميت اهم مطالبن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب ڳالهيون ناڪام ٿي ويون.

پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته مطالبا منظور ٿيڻ تائين هڙتال جاري رهندي.

هوڏانهن پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن حڪومت آڏو ٽي اهم مطالبا پيش ڪيا آهن، جن ۾ منافعي جو مارجن 8 رپيا 64 پئسا مان وڌائي 24 رپيا ڪرڻ، آئل ڪمپنين جو ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ ۽ پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني بدران هفتيوار يا هر 15 ڏينهن بعد مقرر ڪرڻ شامل آهن.

وفاقي وزير پيٽروليم ۽ اوگرا چيئرمين انهن مطالبن تي غور لاءِ 7 ڏينهن جي مهلت گهري آهي.

ٻئي طرف آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان مني مزدا گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پڻ پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن جي هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن جي صدر نديم حسين چيو آهي ته اڄ رات 12 وڳي کان پيٽرول پمپن جي بندش سان گڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند ڪئي ويندي.

هوڏانهن پاڪستان مني مزدا گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي صدر شير علي چوڌري چيو آهي ته مزدا گاڏين جو ڦيٿو به اڄ رات کان نه هلندو، ڇاڪاڻ ته پيٽروليم شين جي روزاني قيمتن ۾ تبديلي سبب ٽرانسپورٽرن کي سخت مالي نقصان پهچي رهيو آهي.

ٽرانسپورٽر تنظيمن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته روزاني بنياد تي قيمتون مقرر ڪرڻ واري پاليسي واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ هڙتال ۽ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں