آءِ ايم ايف جون شرطون: پارليامينٽ ۾ 174 قانوني ترميمون پيش ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پروگرام جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ 174 قانوني ترميمون پيش ڪرڻيون پونديون.

قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ روينيو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري امداد الله بوسال آءِ ايم ايف سان جاري پروگرام، ايندڙ قسط ۽ ٻين معاشي معاملن بابت بريفنگ ڏني.

اجلاس دوران آءِ ايم ايف پروگرام سان لاڳاپيل شرطن ۽ انهن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته مجموعي طور 174 ترميمون آهن، جن جي پارليامينٽ مان منظوري آءِ ايم ايف پروگرام جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ ضروري آهي.

ڪهڙن شعبن ۾ ترميمون ٿينديون؟

انهن قانوني ترميمن ۾ مختلف اهم شعبا شامل آهن، جن ۾ٽيڪس سڌارا، توانائي جو شعبو، نجڪاري، خودمختيار دولت فنڊ ، کنڊ بابت پاليسي، اسلامي بئنڪنگ ۽ مالي استحڪام شامل آهن.

اجلاس ۾ ڊسڪوز جي نجڪاري، پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز وڪڻڻ، حڪومتي خرچن ۾ ڪفايت، ٽيڪس ۽ توانائي سڌارن تي پارلياماني نگراني وڌيڪ سخت ڪرڻ جون تجويزون پڻ سامهون آيون.

اجلاس ۾ کنڊ جي پاليسي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن دوران ٻڌايو ويو ته ٽن صوبن پاليسي سان اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته هڪ صوبي کي تحفظات آهن.

پاڪستان هن وقت آءِ ايم ايف جي 7 ارب ڊالرن واري((EFF پروگرام تحت معاشي سڌارن تي عمل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف مشن سان پروگرام جي ايندڙ جائزي بابت باضابطه ڳالهين جو عمل پڻ شروع ٿي چڪو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں