مسنگ پرسنز معاملو فراڊ آھي، دھشتگردن انساني حقن جو لباس اوڍي رکيو آھي: دفاع وارو وزير

فہرستِ مضامین

دفاع واري وفاقي وزير خواجہ آصف چيو آھي تہ مسنگ پرسنز ٽوٽل فراڊ آھي ۽ پوري ملڪ مان دھشتگردي جو مڪمل خامتو ڪنداسين.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجہ آصف چيو تہ گهڻا لاپتہ ماڻهو پابندي هيٺ آيل بي ايل اي جا ميمبر آهن، جڏھن دهشتگرد ماريا وڃن ٿا تہ اهو ثابت ٿئي ٿو تہ انهن جا نالا لاپتہ ماڻهن ۾ شامل هوندا آهن، انهن جا وارث گم ٿيل ماڻهن جو الائونس بہ وٺن ٿا ۽ اهي ماڻهو ننڍن ٻارن ۽ عورتن کي بہ استعمال ڪري رھيا آهن۔

خواجه آصف وڌيڪ چيو تہ گذريل ڏينھن حملن ۾ ٻن ھنڌن تي عورتن کي استعمال ڪيو ويو، اهي اسان کي ٻيهر معاشي اونداهين ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا، هن چيو تہ جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، انهن جي انڪشافن مان ثابت ٿئي ٿو تہ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي، بي ايل اي هڪ پرڏيهي فنڊ حاصل ڪندڙ دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا ٻين ملڪن ۾ بہ موجود آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں