اسلام آباد: ايران جو صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان جو هڪ ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي وطن روانو ٿي ويو۔
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پاڪستاني عملدارن ايران جي صدر مسعود پزشڪيان کي الوداع ڪيو۔ ان موقعي تي ايراني صدر کي دوري دوران ورتل سڀني تصويرن جو هڪ البم پڻ پيش ڪيو ويو۔
واضح رهي ته اڱاري ڏينهن صدر مسعود پزشڪيان هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو هو، جتي سندس جهاز اسلام آباد جي نور خان ايئربيس تي لينڊ ڪيو هو۔
نور خان ايئربيس تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جو استقبال ڪيو ھو۔
هڪ ڏينهن واري دوري دوران ايراني صدر وزيراعظم هائوس پهتو، جتي هٿياربند فوج جي چاق ۽ چوبند دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو۔ ايراني صدر گارڊ آف آنر جو معائنو پڻ ڪيو۔
ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا۔ وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته ايراني صدر به پنهنجي وفد جي ميمبرن جو تعارف وزيراعظم سان ڪرايو۔
ايراني صدر، وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ وزيراعظم هائوس جي سبزہ زار ۾ هڪ وڻ پڻ پوکيو ۽ دعا گهري۔
بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جون الڳ الڳ ملاقاتون ٿيون۔
ان کان علاوه، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان به ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ملاقات ڪئي۔
واضح رهي ته ايراني صدر جي دوري جو مقصد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهڻ هو، جڏهن ته هن پنهنجي دوري دوران ثالثي واري ڪردار تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا پڻ مڃيا۔