لائیو عوامي ايڪشن ڪميٽي جا خدشا ٻڌڻ گهرجن: مولانا فضل الرحمان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عوامي ايڪشن ڪميٽي مون سان رابطو ڪيو هو، انهن کي اڄ پنهنجو ايندڙ لائحه عمل ڏيڻ گهرجي ها، پر اڃا تائين نه ڏنو آهي۔

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالھائيندي هن چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جو باقاعده خط وصول ٿيو هو، جيڪو حڪومت ڏانهن موڪليو ويو، پر اڃا تائين ان جو ڪو جواب نه مليو آهي۔

مولانا فضل الرحمان چيو ته راولاڪوٽ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود آهن، تنهن ڪري ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي۔ هن چيو ته چارٽر آف ڊيمانڊ جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ مظاهرين جي تقريرن کي بنياد بڻائي تشدد نه ڪرڻ گهرجي۔

هن چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ان قدم کي ڀليڪار ڪريان ٿو جو هنن مظفرآباد ڏانهن اڄوڪو مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي۔

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته خواجہ آصف جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي وزيرِ دفاع جي حيثيت سان نه ڪرڻ گهرجن ها۔ اوهان ويڙهه خواجه آصف جي حوالي ڪئي آهي ۽ صلح اسحاق ڊار جي حوالي ڪئي آھي، خواجه آصف جهڙا بيان ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائيندا۔

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن کي مجبور نه ڪيو وڃي۔ اسان چارسده ۾ لکين ماڻهن جو اجتماع ڪيو، حڪومتي پارٽي اهڙو جلسو ڪري ڏيکاري۔

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ايوان ۾ ڪيترين ئي جذباتي ڳالهين جو اظهار ٿيو آهي، جڏهن ته هي وقت صبر، تحمل ۽ برداشت جو آهي۔ جيڪڏهن حڪومت جو ردِعمل جذباتي هوندو ته اهو حڪومت جي وقار ۽ حيثيت مطابق نه هوندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں