لائیو مولانا سان ٿيل ڳالهيون ڪڏهن به ظاهر نه ڪندس، قبر تائين ساڻ کڻي ويندس: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان اڪيلائي ۾ وڃي ڪجھ ڳالھيون ڪيون.

شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان سان اڪيلائي ۾ ڪهڙي ڳالهه ڪئي؟ نه وزيراعظم ان بابت ڪجهه ٻڌايو ۽ نه ئي مولانا فضل الرحمان ان راز تان پردو کنيو۔

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون مولانا سان اڪيلائي ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها قبر تائين پاڻ سان گڏ کڻي ويندس، پر ڪڏهن به ظاهر نه ڪندس.

ان تي فضل الرحمان جواب ڏيندي چيو ته مان وزيراعظم کي اجازت ڏيان ٿو ته اها ڳالهه ايوان ۾ ٻڌائي ڇڏي.

جنهن تي وزيراعظم چيو تہ مان مولانا جي اها آڇ قبول نه ڪندس، ڇو ته پوءِ معاملا ايترو پري نڪري ويندا جو واپس نه موٽندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں