بلوچستان ۾ 17 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، 145 دهشتگردن جا لاش اسان وٽ موجود آهن : سرفراز بگٽي

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا : بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آھي تہ دهشتگردن سان مقابلي دوران 17 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن، جڏھن تہ 145 دهشتگردن جا لاش اسان وٽ موجود آهن۔

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو تہ دهشتگردن 31 معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، جڏھن تہ گوادر ۾ دهشتگردن 5 عورتن ۽ 3 ٻارن کي شهيد ڪيو، شهيد ٿيل خاندان جو تعلق خضدار سان هو ۽ اهي بلوچ هئا، ھي پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا پر اھي بلوچ نہ پر دھشتگرد آھن.

هن چيو تہ افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رھي آهي، اطلاع آهن ته دهشتگردن سان گڏ افغاني بہ شامل آهن، اڄ بشير زيب، رحمان گل ۽ الله نظر افغانستان ۾ موجود آهن۔

وڏي وزير چيو تہ دهشتگرد حملي بابت اسان وٽ اڳواٽ انٽيليجنس رپورٽ موجود هئي، جنهنڪري اسان هڪ ڏينهن اڳ ئي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو

هن وڌيڪ چيو تہ 145 دهشتگردن جا لاش اسان وٽ آهن، اهي ماڻهو ڀارت جي اشاري تي اهڙا واقعا ڪري پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، جڏھن تہ پاڪستان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ اهڙا واقعا پيش اچن ٿا۔

هن چيو تہ اسان هڪ سيڪنڊ لاءِ بہ سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، اسين هزار سال تائين بہ انهن خلاف جنگ وڙھنداسين، اسان جو رت سستو ناهي، اسين دھشتگردن لاءِ بلوچستان کي جهنم بڻائي ڇڏينداسين۔

ڳالھين بابت سوال جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو تہ ھي ماڻھو ڀارت جي اشارن تي بلوچ عوام کي ڇو ٻارڻ بڻائي رھيا آهن؟ ڇا بي ايل اي ڪا رجسٽرڊ جماعت آهي جنهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن؟ اهي بندوق جي زور تي پنهنجو نظريو اسان تي مڙھڻ چاهين ٿا۔

هن وڌيڪ چيو ته هن جنگ ۽ تشدد کي محرومي سان ڳنڍيو وڃي ٿو، اسين هڪ مارٽر هڻي انهن کي ماري سگهون پيا، پر ان سان شهري بہ مارجي وڃن ها، دهشتگرد شهرن ۾ اچي لڪي وڃن ٿا، اسان جو پڪو عزم آهي تہ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين، انهن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪنداسين، دهشتگردن کي ٻرن بلن مان ڪڍي ختم ڪنداسين۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں