لاھور ھاءِ ڪورٽ جي مستقل 11 ججز حلف کڻي ورتو

فہرستِ مضامین

لاهور هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيل 11 ججز پنھنجي عھدي جو حلف کڻي ورتو آهي.

لاھور ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليہ نيلم ججز کي حلف کڻايو، تقريب ۾ قانون واري وفاقي وزير، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب، پراسيڪيوٽر جنرل سميت ٻين سينيئر وڪيلن شرڪت ڪئي.

حلف کڻندڙ ججز ۾ جسٽس حسن نواز مخدوم، جسٽس ملڪ وقار احمد اعواڻ، جسٽس سردار علي اڪبر، جسٽس احسن رضا ڪاظمي، جسٽس ملڪ جاويد اقبال ۽ جسٽس محمد جواد ظفر شامل آهن.

انھن کانوساءِ جسٽس خالد اسحاق، جسٽس ملڪ اويس خالد، جسٽس سلطان محمود، جسٽس تنوير احمد شيخ ۽ جسٽس عبهر گل خان بہ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حلف کڻندڙ ججز ۾ شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں