لائیو چين ايران جي خلاف آمريڪا ۽ اسرائيلي جنگ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

بيجنگ: چين ايران جي خلاف آمريڪا ۽ اسرائيلي جنگ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

نيوز ايجنسي مطابق چين جي دوري دوران ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيني ھم منصب وانگ يي سان بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي، ٻنھي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ ٻھ طرفن تعلقات تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي.

چيني پرڏيھي وزير چيو تھ چين ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن تعاون لاءِ تيار آھيون، مڪمل جنگبندي انٽر آھي، خطو نازڪ موڙ تان گذري رھيو آھي.

ھن جو چوڻ ھو تھ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ سڌي ريت ملاقات ضروري آھي.

ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو تھ ايران صرف ھڪ منصفاڻو ۽ جامع معاھدو ئي قبول ڪندو، چين جي مضبوط موقف جي قدر ڪريون ٿا، چين ايران جو ويجھو دوست آھي، موجودھ حالتن ۾ اسان جو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

عباس عراقچي جو چوڻ ھو تھ جنگ کليل جارحيت ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آھي، ڳالھين ۾ جائز حق ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

واضح رھي تھ ايراني پرڏيھي وزير چيني عملدارن جي دعوت تي چين جو دورو ڪري رھيو آھي، عباس عراقچي آمريڪي صدر ٽرمپ جي چين جي دوري کان ھڪ ھفتو اڳ چين پھتو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں