لائیو ڪراچي: گيسٽرو ڪيسن ۾ غير معمولي اضافو، روزانو 150 کان وڌيڪ مريض اسپتال پھچڻ لڳا

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ شديد گرمي سبب گيسٽرو جي ڪيسن ۾ غير معمولي اضافو ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي.

عملدارن مطابق پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا روزانو 150 کان وڌيڪ مريض جناح اسپتال اچي رھيا آھن جڏھن تھ عام ڏينھن ۾ پيٽ جي مرضن سان ايندڙ مريضن جو تعداد 50 تائين ھو.

اسپتال عملدارن جو چوڻ آھي تھ مريض الٽي، موشن، پيٽ درد ۽ ڊائريا جي شڪايتن سان اچي رھيا آھن.

ان حوالي سان طبي ماھرن جو چوڻ آھي تھ شھري صاف ۽ اوٻاريل پاڻي پيئن، باسي ۽ کليل کاڌي کان پاسو ڪن، کاڌي کان پھريان ھٿ ضرور ڌوئن ۽ صفائي جو خاص خيال رکن.

طبي ماھرن شھرن کي ڏنل صلاح ۾ چيو آھي تھ گرمي ۾ وڌ کان وڌ پاڻي، او آر ايس ۽ شربت جو استعمال ڪن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں