پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارھ نمرھ خان تازو ئي ٻي شادي ڪئي آھي.
نمرھ خان فوٽو اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پيرس ۾ ٿيندڙ پنھنجي شادي جي اسپيشل فوٽو شوٽ تان ڪجھھ تصويرون شيئر ڪري پاڻ مداحن کي پنھنجي شادي جي اطلاع ڏني ھئي.
انھن تصويرن ۾ ھوءَ مغربي طرز جي گلابي ڊريس ۾ نظر آئي جڏھن تھ اداڪارھ جو مڙس سوٽ پاتل نظر آيو، جڏھن تھ ھن پنھنجي مڙس جو چھرو ظاھر نھ ڪيو ھو.
ھن تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو تھ ھيءَ ڪھاڻي اللھ اسان جي ملاقات کان تمام پھريان لکي ڇڏي ھئي، اڄ ان جو آغاز آھي ۽ گھڻو ڪجھھ اڃا باقي آھي، ھي ھڪ خوبصورت شروعات آھي جيڪا اللھ جي برت سان ٿي آھي.
ھاڻ تازو ئي اداڪارھ انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنھنجي نڪاح جون تصويرون بھ شيئر ڪري ڇڏيون آھن.
انھن تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ نمرھ خان نڪاح جي لاءِ سنھري رنگ جي ڪڙھائي واري اڇي رنگ جي روايتي لباس جي چونڊ ڪئي جڏھن تھ سندس مڙس اڇي رنگ جي شلوار قميض سان سنھري رنگ جي ڪڙھائي وارو ڪوٽ پاتل نظر اچي رھيو آھي.