پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو آغاز مثبت رھيو ۽ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
بازار حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 1.61 سيڪڙو اضافي سان 2646 پوائنٽس وڌي ھڪ لک 67 ھزار 389 پوائنٽس تي پھچي ويو.
ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ بھ مثبت رجحان
عالمي سطح تي ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ بھ مثبت رجحان ڏٺو ويو.
ڪورين ڪاسپي ۾ 7.85 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جڏھن تھ شنگھائي ڪمپوزٽ 1.27 سيڪڙو ۽ ھانگ ڪانگ جي ھينگ سينگ انڊيڪس ۾ 0.74 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
ڀارت جي نفٽي ففٽي ۾ بھ 0.4 سيڪڙو بھتري ڏٺي وئي جڏھن تھ جاپان جو ٽوڪيو بازار اڄ بند رھيو.
انٽر بئنڪ: ڊالر 3 پئسا سستو
ھوڏانھن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ معمولي بھتري رڪارڊ ڪئي وئي آھي.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 3 پئسا گھٽتائي بعد 278.72 رپيا ٿي وئي آھي جڏھن تھ گذريل ڏينھن ڊالر 278.75 رپين تي بند ٿيو ھو.