آمريڪا يورپي گاڏين تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جيڪو گذريل سال طئي ٿيل پاڻي واري 15 سيڪڙو جي معاھدي کي ختم ڪري ڇڏيندو.
آمريڪي عملدارن جو چوڻ آھي تھ يورپ گذريل سال جي معاھدي تي مڪمل عملدرآمد نھ ڪيو.
عرب ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪا جو يورپ جي خلاف اھو قدم دٻاءُ وجھڻ جي حڪمت عملي ٿي سگھي ٿو جڏھن تھ آمريڪي عالت جي تازن فيصلن بعد حڪومت جي طاقت ڪجھھ محدود ٿي چڪي آھي.
ان فيصلي سان سڀ کان وڌيڪ اثر جرمني جي وڏين ڪار ساز ڪمپنين تي پوندو ڇو تھ انھن جي گاڏين جي آمريڪا ۾ وڏي مارڪيٽ آھي، خاص طور تي مھانگائي ۽ لگزري گاڏيون وڌيڪ متاثر ٿينديون ڇو تھ اھي سڌي ريت يورپ مان درآمد ڪيون وڃن ٿيون.
ڪجھھ يورپي ڪمپنيون پھريان ئي آمريڪا ۾ پيداوار ڪنديون آھن پر ڪيترائي اھم ماڊلز اڃا بھ يورپ ۾ ٺھن ٿا جنھن سان ان تي اضافي لاڳت ايندي.
ڪيترين ئي ڪمپنين ممڪنھ نقصان کان بچڻ لاءِ آمريڪا ۾ پيداوار وڌائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آھي.