اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني پنھنجي جعلي تصويرن جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جي مذمت ڪئي آھي ۽ ان کي خطرناڪ رجحان قرار ڏنو آھي.
جاري ڪيل بيان ۾ جارجيا ميلوني چيو آھي تھ مصنوعي ذھانت سان ٺاھيل تصويرن کي حقيقت بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي جيڪو ماڻھن کي گمراھ ڪرڻ ۽ ساک کي نقصان پھچائڻ جو سبب بڻجي رھيو آھي.
ميلوني مزاحيھ انداز ۾ چيو تھ تصويرون ٺاھيندڙ ظاھري طور منھنجي شڪل بھتر ٺاھي ڇڏي جڏھن تھ ھن زور ڏنو تھ ڪوڙ ڦھلائڻ جي لاءِ اھڙا ھٿڪنڊا استعمال ڪرڻ ڳڻتي جوڳو آھي.
جارجيا ميلوني وڌيڪ چيو تھ ھي مسئلو صرف مون تائين محدود ناھي پر ھر فرد ان جو نشانو بڻجي سگھي ٿو، ڪيترائي ماڻھو اھڙن حملن جو دفاع نٿا ڪري سگھن.
وزيراعظم جارجيا ميلوني عوام کي ھدايت ڪئي تھ ڪنھن بھ معلومات تي يقين ڪرڻ کان پھريان ان جي تصديق ڪريو ۽ شيئر ڪرڻ کان پھريان سوچيو ڇو تھ اڄ اھو من سان ٿيو آھي ۽ سڀاڻي ڪنھن ٻئي سان بھ ٿي سگھي ٿو.