لائیو صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ برادر ملڪن جي درخواست جو مثبت جواب ڏنو: وزيراعظم شھباز شريف

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ آھي تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ برادر ملڪن جي درخواست جو مثبت جواب ڏنو.

ھڪ بيان ۾ شھباز شريف چيو آھي تھ آبناءِ ھرمز ۾ پروجيڪٽ فريڊم روڪڻ جو وقت سر اعلان خوش جوڳو آھي،، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جرئتمند قيادت تي ٿورائتو آھيان.

ھن چيو تھ سعودي عرب، خاص طور تي ولي عھد محمد بن سلمان جون ڪاوشون قابل تحسين آھن، اھو قدم خطي ۾ امن، استحڪام ۽ مفاھمت کي ھٿي ڏيندو.

وزيراعظم جو چوڻ آھي تھ پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ ۽ امن لاءِ پرعزم آھي، پاڪستان ڳالھين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي مسئلن جي حل جو حامي آھي.

شھباز شريف چيو آھي تھ خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ھي مثبت اڳڀرائي آھي، اميد آھي تھ موجودھ اڳڀرائي امن معاھدي جي راھ ھموار ڪندي.

واضح رھي تھ آمريڪي صدر ٽرمپ آبناءِ ھرمز ۾ ڦاٿل بحري جھازن کي ڪڍڻ لاءِ پروجيڪٽ فريڊم عارضي طور تي روڪڻ جو اعلان ڪيو ھو.

ھڪ بيان ۾ ھن چيو ھو تھ مان اھو اعلان ايران سان اتفاق راءِ بعد ڪري رھيو آھيان، ايران سان مڪمل ۽ حتمي معاھدي جي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں