ميانوالي ۾ چاپڙي ڊيم ويجهو سي ٽي ڊي ۽ دھشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دھشتگرد ساٿين ھٿان مارجي ويا آھن.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ چاپڙي ڊيم ويجهو ڇاپو هنيو ويو هو، جنهن دوران دهشتگردن سي ٽي ڊي جي ٽيم تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.
ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 انتھائي خطرناڪ دھشتگرد پنھنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، جڏھن تہ 8 دھشتگرد فرار ٿي ويا.
ترجمان ٻڌايو تہ دهشتگردن وٽان هڪ آپگھاتي جيڪٽ، 3 دستي بم ، بارودي مواد ۽ ٻيا ھٿيار ھٿ ڪيا آيا آھن.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جڏھن تہ فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آھن….