اسان جي فوج مڪمل تيار آھي،ڪنھن بہ حملي کي مڪمل جنگ تصور ڪيو ويندو: ايران

فہرستِ مضامین

ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي تہ ڪنهن بہ قسم جي حملي کي مڪمل جنگ سمجهيو ويندو۔

آمريڪا ۽ اسرائيلي حملي جي خدشي تي ردعمل ڏيندي ايران چيو آهي تہ اسان جي فوج تيار آھي، ڪنهن بہ قسم جي حملي کي مڪمل جنگ تصور ڪيو ويندو۔

ايراني اختيارين جو چوڻ آهي تہ ڪنهن بہ قسم جي جارحيت برداشت نه ڪئي ويندي، بدترين صورتحال لاءِ اسان جي فوج مڪمل طور تي تيار آهي۔

ايراني اختيارين موجب آمريڪي فوجي نقل ۽ حرڪت کي نظر ۾ رکندي هاءِ الرٽ آهي، جيڪڏھن محدود يا سرجيڪل حملو بہ ڪيو ويو تہ انتهائي سخت جواب ڏنو ويندو۔

واضح رھي تہ گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ چيو هو تہ اسان اسان جي فورسز ايران ڏانھن وڌي رھي آھي، ڪيترائي جهاز ايران طرف وڃي رھيا آهن۔

سندس چوڻ هو تہ ايران جي ويجهو احتياطي طور تي فورس مقرر ڪئي پئي وڃي، ڏسون ٿا تہ اڳتي ڇا ٿئي ٿو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں