برطانيا ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب قطر ۾ جنگي جهاز تعينات ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

برطانيا ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب قطر ۾ جنگي جهاز تعينات ڪري ڇڏيا  آھن.

برطانوي ميڊيا موجب، برطانوي هوائي فوج قطر ۾ 4 ٽائفون جنگي جهاز تعينات ڪيا آهن. ان حوالي سان برطانوي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته قطر ۾ جنگي جهاز دفاعي مقصدن لاءِ موڪليا ويا آهن.

ٻئي طرف، گذريل ڏينهن ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسان جون وڏيون فوجي قوتون ايران ڏانهن اڳتي وڌي رهيون آهن، ڪيترائي جهاز ايران جي طرف وڃي رهيا آهن ۽ احتياطي قدم طور ايران جي ويجهو فورسون تعينات ڪئي پئي وڃي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اڳتي ڇا ٿئي ٿو.

ان کان اڳ صدر ٽرمپ اهو به چيو هو ته هو ايران خلاف وڌيڪ فوجي ڪارروائي نه ڪندو، پر جيڪڏهن ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ته آمريڪا ضرور جواب ڏيندو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں