نوبيل انعام نہ ملڻ کانپوءِ امن بابت سوچڻ جو پابند ناهيان: آمريڪي صدر

فہرستِ مضامین

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ نوبيل امن انعام نہ ملڻ کانپوءِ هاڻ مان پاڻ کي رڳو امن بابت سوچڻ جو پابند نٿو سمجهان.

اها ڳالهہ هن ناروي جي وزيراعظم يوناس گار اسٽوري کي لکيل خط ۾ چئي، جنهن کي عالمي خابرو ادارن ڏٺو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ خط ۾ گرين لينڊ تي مڪمل آمريڪي ڪنٽرول جي مطالبي کي ورجايو ۽ چيو تہ عالمي سلامتي ان وقت تائين ممڪن ناهي، جيستائين آمريڪا کي گرين لينڊ تي مڪمل اختيار حاصل نہ هجي.

ٽرمپ خط ۾ لکيو تہ مان 8 جنگيون روڪرايون، ان باوجود نوبيل امن انعام نہ ڏيڻ مايوس ڪندڙ آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ مان رڳو امن بابت فيصلا ڪرڻ جو پابند ناهيان رھيو.

هن ڊنمارڪ تي بہ تنقيد ڪئي ۽ سوال اٿاريو تہ هو گرين لينڊ کي روس يا چين کان ڪيئن محفوظ رکي سگهي ٿو، گرين لينڊ تي ڊنمارڪ جي ملڪيتي حق جون واضح شاهديون موجود ناهن.

ٽرمپ نيٽو تي بہ زور ڏنو تہ هو آمريڪا لاءِ عملي قدم کڻي ۽ دعويٰ ڪئي تہ هن نيٽو لاءِ ڪنهن بہ ٻئي اڳواڻ کان وڌيڪ خدمتون انجام ڏنيون آهن.

هوڏانهن ناروي جي وزيراعظم جواب ۾ چيو تہ نوبيل امن انعام جو فيصلو ناروي جي حڪومت نہ پر هڪ آزاد نوبيل ڪميٽي ڪندي آهي.

ٻئي پاسي ڊنمارڪ طرفان بہ اهو موقف ورجايو ويو آهي تہ گرين لينڊ جي خود مختياري تاريخي معاهدن ۽ عالمي قانوني دستاويزن تحت ثابت آهي ۽ آمريڪا اڳ بہ ان کي ڊنمارڪ جي سلطنت جو حصو تسليم ڪندو رھيو آهي.

واضح رھي تہ ڊونلڊ ٽرمپ ان کان اڳ بہ گرين لينڊ خريدڻ جو خواهشمند رھيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ هو يورپي ملڪن تي ڳري ٽيرف جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں