يورپي يونين جي ماحوليات بابت وزيرن جي اجلاس ۾ هڪ ننڍڙي مهمان جي آمد سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي، جڏهن سويڊن جي ماحوليات واري وزير رومينا پورموختاري پنهنجي ٽن مهينن جي پٽ ايڊم کي ساڻ وٺي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي۔ هن تقرير به ڪئي ۽ ساڳئي وقت ٻار جي سارسنڀال به ڪندي رهي۔
برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب سويڊش وزير چيو ته هوءَ هن قدم ذريعي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ته والدين، خاص طور تي عورتن، کي اهڙيون پاليسيون مهيا ٿيڻ گهرجن جيڪي کين پيشاوراڻي ۽ خانداني ذميوارين مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ تي مجبور نه ڪن۔
رومينا پورموختاري چيو ته سندس مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته عورتون هڪ ئي وقت پنهنجي ڪيريئر ۽ خاندان ٻنهي کي سنڀالي سگهن ٿيون، بشرطيڪه کين اهڙو جيون ساٿي ملي جيڪو ذميواريون ورهائڻ تي يقين رکندو هجي۔
يورپي يونين ڪائونسل جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته اداري وٽ موجود معلومات موجب پهريون ڀيرو ڪنهن ٿڃ پيئندڙ ٻار يورپي يونين جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي آهي۔
30 ورهين جي رومينا پورموختاري 2022ع ۾ وزارت سنڀالڻ کانپوءِ سويڊن جي تاريخ جي سڀ کان گهٽ عمر واري وزير بڻي هئي۔ هوءَ تازو والدين لاءِ مخصوص موڪل (پيرينٽل ليو) مڪمل ڪري واپس آئي آهي، جڏهن ته سندس مڙس هن وقت موڪلن تي آهي ۽ پٽ ايڊم جي سارسنڀال لاءِ ساڻس گڏ لکسمبرگ آيو آهي۔
سويڊن کي دنيا جي انهن ملڪن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جتي والدين کي پگهار سميت لڳ ڀڳ 6 مهينن جي موڪل ڏني ويندي آهي۔ ان مان 90 ڏينهن والد لاءِ ۽ 90 ڏينهن والده لاءِ مخصوص هوندا آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي نالي منتقل نٿا ڪري سگهجن۔
هي مخصوص موڪل، جنهن کي عام طور تي “ڊيڊ منٿس” چيو ويندو آهي، ان مقصد لاءِ متعارف ڪرائي وئي هئي ته جيئن والد پنهنجي ٻارن جي پرورش ۾ وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪن۔