ڪراچي: حڪومت نئين سال جي آمد تي عوام کي تحفو ڏيندي پيٽروليم شين جي اگھن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو آھي.
ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا 28 پيسا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آھي، جنھن بعد پيٽرول جي نئين قيمت في ليٽر 253 رپيا 17 پئسا ٿي وئي آھي.
اھڙي طرح ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگھ ۾ 8 رپيا 57 پئسا في ليٽر جي حساب سان لاٿ ڪئي وئي آھي، جنھن بعد ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 257 رپيا 8 پئسا في ليٽر ٿي وئي آھي
نيون قيمتون پھرين جنوري کان 15 جنوري تائين لاڳو ھوندون، انھي حوالي سان باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي…..