چترال جي علائقي گھريٽ گول ۾ پرڏيھي شڪاري ڪشميري مارخور جو شڪار ڪري ورتو
جھنگلي جيوت کاتي موجب، روسي شڪاري مارخور جي شڪار جو لائسنس 68 هزار آمريڪي ڊالر ۾ حاصل ڪيو ھو، جڏھن تہ شڪار ٿيل مارخور جي سڱن جي ڊيگهہ 41 انچ آهي۔
جھنگلي جيوت کاتي ٻڌايو تہ مارخور جو شڪار ڪميونٽي بيسڊ ٽرافي هنٽنگ پروگرام تحت ڪيو ويو، جنهن مان حاصل ٿيل آمدني جو وڏو حصو مقامي آبادي جي ڀلائي تي خرچ ڪيو ويندو
اداري جو چوڻ آهي تہ هن هنٽنگ پروگرام جو مقصد جنگلي جيوت جو تحفظ ۽ مقامي آبادي کي معاشي فائدا فراهم ڪرڻ آهي۔….