اسلام آباد: پاڻ کي آمريڪي سفارتخاني جو اھلڪار ظاھر ڪندڙ افغان شھري گرفتار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ۾ پاڻ کي آمريڪي سفارتخاني جو اھلڪار ظاھر ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن موجب جوابدار افغان شھري آھي جيڪو فراڊ ڪيس ۾ گھربل آھي، جوابدار گاڏي ۾ ڊپلوميٽنڪ انڪليو ۾ داخل ٿيو ھو.

ذريعن ٻڌايو آھي تہ آمريڪي سفارتخاني افغان شھري بابت شڪايت ڪئي ھئي، پوليس انٽيلي جنس ايجنسين جي مدد سان ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ افغان شھري کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آھي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں