سھيل آفريدي کي ھر صورت خيبرپختونخواھ جو وڏو وزير بڻائينداسين: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس، جنيد اڪبر چيو تہ سھيل آفريدي کي وڏ وزارت لاءِ نامزد ڪرڻ شرط اُن جي ڪردار ڪشي شروع ڪئي وئي،پي ٽي آءِ اڳواڻن اعتراض ڪندڙ ڌرين کي خبردار ڪيو آھي تہ ڪير غلط فھمي ۾ نہ رھي تہ وڏو وزير تبديل ڪرڻ سندن آئيني ۽ جھموري حق آھي، جيئن 8 فيبروري تي خيبرپختونخواھ ۾ ووٽ جو تحفظ ڪيو، ايئن ئي صوبائي حڪومت جو تحفظ ڪنداسين.
هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو تہ
“جيئن ئي سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ نامزد ڪيو ويو، تيئن ئي سندس ڪردار ڪشي شروع ٿي وئي. اسان گواهي ڏيون ٿا ته سندس ماضي بلڪل صاف سٿرو آهي. اسان هر صورت ۾ سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ بڻائينداسين، سڄي جماعت سندس ساڻ آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن خبردار ڪيو تہ سازشون ڪندڙ عنصر ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهن، اسان 8 فيبروري تي خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجو ووٽ بچايو هو، اڄ به اسان پنهنجي حڪومت جو تحفظ ڪنداسين ۽ ان لاءِ هر حد تائين وينداسين.
ھنن چيو تہ صوبي ۾ وزيراعليٰ تبديل ڪرڻ اسان جو آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي، صوبي جو مينڊيٽ اسان وٽ آهي ۽ عمران خان کي اهو اختيار آهي ته هو جڏهن چاهي تبديلي آڻي.
پريس ڪانفرنس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پاڪستاني فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي بيان تي به ردعمل ڏنو.
احمد شريف چوڌري گذريل ڏينهن پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته”خيبرپختونخواهه ۾ شدت پسندي جي وڌندڙ واقعن جو هڪ سبب سياسي ۽ مجرماڻه اتحاد آهي ۽ جيڪڏهن ڪا پارٽي يا شخص سمجهي ٿو ته ان جي سياست رياست کان مٿي آهي، ته اسان ان کي قبول نه ڪنداسين.
ان تي پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجه چيو تہ “اهو چوڻ ته اسان ڪنهن دهشتگرد لاءِ نرم رويو رکون ٿا، اها غلط بياني آهي، عمران خان گذريل 30 سالن کان ساڳي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته صرف هٿيار ۽ فوجي طاقت سان دهشتگردي جو پائيدار حل نٿو اچي.
هن وڌيڪ چيو تہ “دهشتگردي ڪا هڪ ڏينهن جي پيداوار ناهي، ان جو الزام ڪنهن هڪ جماعت تي نٿو لڳائي سگهجي.
سلمان اڪرم راجه جو چوڻ هو تہ صوبي ۾ پارٽي جي فيصلي مطابق سياسي تبديلي اچي رهي آهي، پر ان تبديلي کي روڪڻ لاءِ غير آئيني ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
اسد قيصر چيو تہ سهيل آفريدي جو تعلق شاگرد زندگي کان وٺي فاٽا (خيبر ايجنسي) سان رهيو آهي، هن جو سياست سان واسطو آهي. هو آءِ ايس ايف جو صوبائي صدر رهيو آهي ۽ پشاور يونيورسٽي مان ايم ايس سي اڪنامڪس ڪئي اٿس. ايم فل جي ڊگري مڪمل ٿيڻ واري آهي. هو هڪ انتهائي شريف ۽ قابل نوجوان آهي. جن ماڻهن هن خلاف پروپيگنڊا ڪئي انهن تي افسوس آهي.