اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي۔
اسلام آباد ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سيمينار ۾ شريڪ سڀني نمائندن کي ڀليڪار چوان ٿو. اسان رڳو هڪ معاهدي تي نه، پر 24 ڪروڙ عوام جي زندگيءَ جي شهه رڳ بابت ڳالهائي رهيا آهيون. واديءِ سنڌ جي تهذيب ئي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي ۽ اسان ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون. پاڪستان لاءِ پاڻي رڳو هڪ قدرتي وسيلو نه، پر بقا جو معاملو آهي۔
سندس چوڻ هو ته درياءِ سنڌ دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ جي آبياري ڪندو رهيو آهي. پاڪستان جي تاريخ دراصل درياءِ سنڌ جي تاريخ آهي. زراعت قومي معيشت جو بنيادي ٿنڀو آهي ۽ درياءِ سنڌ ان جي شهه رڳ جي حيثيت رکي ٿو۔
هن وڌيڪ چيو ته ڇهه ڏهاڪا اڳ ٻن ملڪن هڪ غيرمعمولي فيصلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پائيدار آبي معاهدن مان هڪ وجود ۾ آيو۔
عطاالله تارڙ چيو ته پاڪستان هميشه پرامن لاڳاپن، تعميري ڳالهين ۽ معاهدي تي مخلصاڻي عملدرآمد جي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي. 1960ع جو سنڌ طاس معاهدو بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. اسان بار بار واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان جي عوام جو درياءِ سنڌ جي پاڻي تي پورو حق آهي، جيڪڏهن پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قومي قيادت مؤثر جواب ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي۔
اطلاعات ۽ نشريات واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان هر حال ۾ سنڌ طاس معاهدي جي تقدس جو تحفظ ڪندو. اسان کي هن عزم جو اظهار ڪرڻو آهي ته سنڌ طاس معاهدو برقرار رهندو. پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته گڏيل رضامندي سان وجود ۾ آيل هن معاهدي ۾ تبديلي صرف اتفاقِ راءِ سان ئي ممڪن آهي. سنڌ طاس معاهدي جي يڪطرفي معطلي سبب هندستان کي عالمي فورمن تي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو. اسان کي پاڻي کي تڪرار بدران سهڪار جو ذريعو بڻائڻ گهرجي۔