آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ايران سان ٿيل مفاهمتي يادداشت بابت آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ميمبرن کي بريفنگ ڏني۔
آمريڪي ميڊيا موجب ڪانگريس جي ميمبرن ايران جي جوهري ذخيري ۽ ايراني تيل تي لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ بابت سوال ڪيا۔
روبيو ۽ وِٽڪوف چيو ته آمريڪا جو مقصد هڪ اهڙو حتمي معاهدو ڪرڻ آهي، جنهن تحت ايران کي وڌيڪ افزودہ يورينيم رکڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته مفاهمتي يادداشت ان مقصد لاءِ ڳالهين جي شروعات آهي۔
هنن ٻڌايو ته جوهري ڳالهين ۾ شامل فني ٽيمون ايندڙ مرحلي جي ڳالهين لاءِ قطر وينديون۔
آمريڪي عملدارن قانونسازن کي يقين ڏياريو ته آبنائي هرمز جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ۽ مفاهمتي يادداشت تحت ايران کي هيل تائين ڪنهن به قسم جي مالي ادائيگي، خاص طور آمريڪي ذريعن مان، ناهي ڪئي وئي۔
رپورٽ موجب ايراني تيل تي پابنديون ختم ڪرڻ واري معاملي تي هڪ ڊيموڪريٽ ميمبر ۽ آمريڪي عملدارن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کانپوءِ بريفنگ ختم ڪئي وئي۔