فٽبال ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف 32 ۾ مراڪش قومي فٽبال ٽيم پنالٽي شوٽ آئوٽ تي نيدرلينڊز قومي فٽبال ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي۔
نيدرلينڊز ۽ مراڪش وچ ۾ مقابلو اضافي وقت تائين به هڪ ـ هڪ گول سان برابر رهيو۔
ميچ جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو، جتي ٻنهي ٽيمن کي 5 ـ 5 پنالٽي شوٽ آئوٽ جا موقعا ڏنا ويا۔
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن راند جي مقرر وقت دوران هڪ ـ هڪ گول ڪيو هو۔
ڪوڊي گيڪپو نيدرلينڊز جي طرفان گول اسڪور ڪيو، جڏهن ته مراڪش جو گول ڊيوپ ڪيو هو۔
رائونڊ آف 32 ۾ هي ٻيو ميچ آهي، جنهن جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو۔
پري ڪوارٽر فائنل ۾ مراڪش قومي فٽبال ٽيم جو مقابلو ڪينيڊا قومي فٽبال ٽيم سان 4 جولاءِ تي ٿيندو۔
ياد رهي ته پيراگوئي قومي فٽبال ٽيم غير متوقع طور تي جرمني قومي فٽبال ٽيم کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ميچ جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ جي سڊن ڊيٿ مرحلي ۾ ٿيو هو۔