اسلام آباد: شهباز شريف جمهوري ادارن جي استحڪام، آئين جي بالادستي، پارلياماني طرزِ حڪومت، قانون جي حڪمراني ۽ فيصلن ۾ عوام جي بامعنيٰ شموليت لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو عزم ڪيو آهي۔
عالمي يومِ پارليمان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو آئين جمهوري نظامِ حڪومت ۽ جمهوري قدرن جي ضمانت ڏئي ٿو. آئين جي اصل روح موجب اقتدار جو سرچشمو عوام آهن ۽ چونڊيل نمائندا اهو اختيار عوام جي خدمت ۽ ڀلائي لاءِ هڪ مقدس امانت طور استعمال ڪندا آهن۔
هن چيو ته پارليامينٽ اهو آئيني فورم آهي، جتي قومي مسئلن تي عوام جي نمائندگي ڪندي قانونسازي ڪئي ويندي آهي. سماج جي سڀني طبقن ۽ گروهن جي جامع شموليت ۽ اثرائتي نمائندگي جي حوالي سان به پاڪستان جي پارلياماني جمهوريت نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي۔
سندس چوڻ هو ته هڪ حقيقي نمائنده پارليامينٽ طور عورتن، اقليتن، ننڍن صوبن ۽ ٻين محروم طبقن جي آواز کي به مؤثر نموني شامل ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ عورتن ۽ غير مسلم شهرين لاءِ مخصوص سيٽون به ان آئيني عزم جو مظهر آهن، جڏهن ته سينيٽ آف پاڪستان وفاقي اڪائين کي برابر نمائندگي ڏئي پاڪستان جي وفاقي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي۔
شهباز شريف چيو ته شفافيت، عوامي رسائي ۽ جديد پارلياماني طرزِ عمل جمهوريت جون اهم گھرجون آهن. شفافيت، معلومات تائين رسائي ۽ عوامي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازي، پارلياماني بحثن، ڪميٽي رپورٽن ۽ ٻين دستاويزن کي عوام جي دسترس ۾ آڻي ان ڏس ۾ اهم قدم کنيا آهن۔
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ بين الاقوامي پارلياماني سفارتڪاري ۾ پڻ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. انٽر پارلياماني يونين، پارلياماني فرينڊشپ گروپن ۽ ٻين عالمي فورمن ۾ شرڪت ذريعي پاڪستان عالمي امن، ڳالهه ٻولهه، پائيدار ترقي، انساني حقن، صنفي برابري ۽ بين الاقوامي سهڪار جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائي رهيو آهي۔