ايران جي صوبي ڪرمانشاه جي شهر پاوه ۾ دهشتگرد حملي دوران پاسدارانِ انقلاب جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا۔
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته هٿياربند ماڻهن ٻنهي اهلڪارن جي رهائشگاهه جي دروازي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔
سيڪيورٽي عملدارن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ حملي آورن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي۔