لائیو وينزويلا جي تباهه ڪندڙ زلزلي ۾ فوتين جو انگ 10 هزار تائين پهچڻ جو خدشو

فہرستِ مضامین

وينزويلا ۾ گذريل هفتي آيل 7.2 ۽ 7.5 شدت وارن زلزلن سبب فوتين جو انگ 10 هزار تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔

گڏيل قومن جي عملدارن موجب 10 هزار لاشن لاءِ باڊي بيگز حاصل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته آمريڪي جيولوجيڪل سروي پڻ امڪان ظاهر ڪيو آهي ته فوتين جو انگ 10 هزار کان هڪ لک جي وچ تائين پهچي سگهي ٿو۔

مقامي عملدارن موجب هيل تائين فوتين جو انگ 1719 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 هزار 34 ماڻهو زخمي ۽ 15 هزار 866 بي گهر ٿي چڪا آهن. هن تباهه ڪندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ اڍائي هزار عمارتون متاثر ٿيون آهن۔

متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ موتمار زلزلي کان 106 ڪلاڪن پوءِ 21 ورهين جي هڪ نوجوان کي زندهه ٻاهر ڪڍيو ويو آهي۔

هوڏانهن يورپي يونين زلزلي متاثرن لاءِ 50 لک ڊالرن کان وڌيڪ هنگامي امداد جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته يونيسيف جو چوڻ آهي ته زلزلي کان متاثر 18 لک ماڻهن کي انساني امداد جي ضرورت آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں