واشنگٽن: هڪ آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب آمريڪي انتظاميا آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت ڪانگريس کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔
ويب سائيٽ موجب اعليٰ عملدار اڄ ايران سان ٿيل معاهدي ۽ تازي اڳڀرائي بابت باضابطه بريفنگ ڏيندا. مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ کانپوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو آمريڪي انتظاميا وڏي پيماني تي قانونسازن کي اعتماد ۾ وٺي رهي آهي۔
ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته ان بريفنگ جو مقصد ملڪي سطح تي سياسي دٻاءُ کي گهٽائڻ ۽ آمريڪي پرڏيهي پاليسي بابت هڪ گڏيل ۽ متفقه حڪمتِ عملي جوڙڻ آهي۔